[13]. "سنڌي - "جي ٻه روڊ.mp3
Listen now
Description
[13]. Sindhi - "The Two Roads".mp3 / "السندية - "ال اثنين الطرق.mp3 //1.ڪرنٿين 15 - مسيح جو جِي اٿڻ1ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اھا خوشخبري ياد ڏياريان ٿو، جيڪا اوھان کي ٻڌائي ھيم. اوھان اھا قبول ڪئي ۽ انھيءَ تي اوھين قائم بہ آھيو. 2اھا ئي خوشخبري آھي جا اوھان کي ٻڌائي ھيم. انھيءَ جي وسيلي اوھان کي نجات ملي ٿي، بشرطيڪ اوھين انھيءَ تي مضبوطيءَ سان پابند آھيو، نہ تہ اوھان جو ايمان آڻڻ اجايو آھي.3  جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو. 4 پوءِ ھو دفن ڪيو ويو ۽ پاڪ لکتن موجب ٽئين ڏينھن تي وري جي اٿيو. 5 ان سان گڏ پطرس ۽ بعد ۾ ٻارھن ئي رسولن کي ڏيکاري ڏنائين. 6تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن. 7پوءِ وري ھن يعقوب ۽ بعد ۾ ٻين سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.8  سڀ کان پوءِ ھن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو ھوس. 9 ڇالاءِ⁠تہ آءٌ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آھيان ۽ رسول سڏجڻ جو بہ حقدار ناھيان، ڇوتہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو ھوم. 10پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي. 11تہ پوءِ آءٌ ھجان يا اُھي، اسين سڀ ساڳي ئي تبليغ ڪريون ٿا ۽ اوھان انھيءَ تي ئي ايمان بہ آندو.
More Episodes
(Arabic Version)- "There is a Longing in Our Hearts for You, O! Lord".mp4 //يوحنا - الفصل 1 1 فِي الْبَدْءِ كَانَ الْكَلِمَةُ وَالْكَلِمَةُ كَانَ عِنْدَ اللَّهِ وَكَانَ الْكَلِمَةُ اللَّهَ.2  هَذَا كَانَ فِي الْبَدْءِ عِنْدَ اللَّهِ.3  كُلُّ شَيْءٍ بِهِ كَانَ وَبِغَيْرِهِ لَمْ يَكُنْ شَيْءٌ...
Published 11/14/22
[1]. Arabic Gulf (خليجي) - "Invitation to Know Jesus Personally".3gp
Published 10/21/22