"سنڌي مسلمان - ”هو ڪير آهي.mp3 / "سندھی مسلم - "وہ کون ہے.mp3
Listen now
Description
ਸਿੰਧੀ ਮੁਸਲਮਾਨ - "ਉਹ ਕੌਣ ਹੈ".mp3 / Sindhi Musalmani - "Who Is He".mp3 //1.ڪرنٿين - 13محبت1جيڪڏھن آءٌ ماڻھن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالھايان ٿو، پر مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ وڄندڙ گھنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آھيان.2مت ۲۰‏:۱۷، ۲۱‏:۲۱، مر ۲۳‏:۱۱ جيڪڏھن مون کي نبين وانگر، ڳالھائڻ جي ڏات مليل ھجي، ۽ سڀيئي اسرار ۽ علم بہ ڄاڻيندو ھجان، ۽ مون ۾ جبلن کي ھٽائڻ جيترو ڪامل ايمان بہ ھجي، پر جيڪڏھن مون ۾ محبت نہ آھي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آھيان.3جيڪڏھن آءٌ پنھنجو سڀ مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنھنجي جان ڏيئي ڇڏيان، پر مون ۾ محبت نہ ھجي، تہ انھن مان مون کي ڪوبہ فائدو ڪونہ ٿيندو.4محبت صبر ڪرڻ واري ۽ مھربان آھي، محبت حسد نہ ٿي ڪري. محبت پاڻ کي نہ ٿي پڏائي ۽ پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون نہ ٿي ھڻي.5محبت بدتميزي يا بي⁠ادبي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري.6محبت بدڪاريءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.7محبت پردو رکي ٿي، محبت يقين رکي ٿي، محبت اميد رکي ٿي، محبت سھي ٿي.8محبت کي زوال ڪونھي. پر جتي بہ پيشنگوئيون ھونديون، سي ختم ٿي وينديون، يا جيڪي زبانون ھونديون، سي بند ٿي وينديون، يا جتي علم ھوندو تہاتي اھو ميٽجي ويندو.9ڇالاءِ⁠جو اسان جو علم ناقص ۽ اسان جي پيشنگوئي اڻ⁠پوري آھي.10پر جڏھن ڪامل ايندو تہ ناقص ختم ٿي ويندو.11جڏھن آءٌ ٻار ھوس، تڏھن ٻارن وانگر ڳالھائيندو ھوس، ٻارن وانگر سمجھندو ھوس، ۽ ٻارن وانگر خيال ڪندو ھوس.پر جڏھن آءٌ بالغ ٿيس،تڏھن ٻاراڻيون ڳالھيون ڇڏي ڏنم.12ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾، چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون، پر پوءِ روبرو ڏسنداسين. ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو، پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس، جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي.13مطلب تہ ايمان، اميد ۽ محبت، اھي ٽيئي قائم آھن. پر انھن ٽنھي ۾، محبت اتم آھي.
More Episodes
ਉਰਦੂ ਭਾਸ਼ਾ - (ਕਵੀ ਅਤੇ ਗੀਤਕਾਰ) ਜ਼ਬੂਰ 23.mp4 / Urdu Language - (Poet & Lyricist) Zaboor 23mp4 
Published 01/05/23
ਉਰਦੂ - ਮੱਤੀ ਦੀ ਇੰਜੀਲ 27:32–28:20.mp4 / Urdu - Gospel of Matthew 27:32–28:20.mp4 //    ١ - کُرِنتھِیوں 15 - مسِیح کی قِیامت1اب اَے بھائِیو! مَیں تُمہیں وُہی خُوشخبری جتائے دیتا ہُوں جو پہلے دے چُکا ہُوں جِسے تُم نے قبُول بھی کر لِیا تھا اور جِس پر قائِم بھی ہو۔ 2اُسی کے وسِیلہ سے تُم کو نجات بھی...
Published 01/04/23